سمن شاهه سرڪار جي خيالي تصوير

سمن شاهه سرڪار جي خيالي تصوير

سمن سرڪار جي درگاهه جو منظر

سمن سرڪار جي درگاهه جو منظر

سمن سرڪار

سمن سرڪار: حضرت سمن سرڪاررح ويهين صديءَ جو مشهور ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس والد جو نالو سيد گل شاهه ثاني هو. سندس ولادت جي ڪا به صحيح تاريخ موجود ڪانهي. سنڌ جو هي واحد مجذوب ۽ ابدال ٿي گذريو آهي، جنهن تي جيئري به ميلا لڳندا هئا، ۽ سندس رحلت کانپوءِ به ساليانو عرس وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو. سيد سمن شاهه جي ولادت جو هنڌ ڳوٺ ٻورڙا لغاري، لڳ خيرپور کاهي، تعلقو ٽنڊو باگو، ضلعي بدين آهي. سمن سرڪار جي مادري ٻولي سرائڪي هئي ۽ کيس ٻه ڀائر هئا. هڪڙو مٺڻ شاهه، ٻيو ڦلڻ شاهه. سمن شاهه سرڪار سموري عمر شادي ڪانه ڪئي.
سمن شاهه سرڪار صورت ۾ عجيب انسان نظر ايندو هو، سونهاري اڇي ۽ گهاٽي، چهرو گول، اکيون سرخيءَ مائل وڏيون، سخت خماريل ۽ هميشه زمين ۾ کتل هونديون هئس. ڪڏهن ڪڏهن خلوت يا وجد جي حالت ۾ آسمان طرف کڄي وينديون هئس ته عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. مٿي جا وار ڊگها ۽ وڏا هوندا هئس. ڪڏهن لباس پهريل هوندو هئس ته ڪڏهن بنا لباس جي هوندو هو، اهڙيءَ حالت ۾ پاڻ چوندو هو ته مون کي نوراني لباس آهي، ڪڏهن جتي پائيندو هو ته ڪڏهن وري پيرين اگهاڙو هلندو وتندو هو، حقي ۽ چلم جو شوقين هو. ڪو سٺو کاڌو کيس آڻي ڏبو هو ته اُن ۾ حقي جو پاڻي ملائي لذت ضايع ڪري کائيندو هو.
روايت آهي ته سمن شاهه جڏهن جوانيءَ ۾ هو ته ڳوٺ جي ’جنت‘ نالي هڪ ڪنڀاري ڇوڪريءَ سان لنؤ لڳي ويس، جنهن کانپوءِ اُن ڇوڪريءَ کي سدائين پاڻ سان گڏ رکڻ لڳو. ڇوڪريءَ جي مائٽن کي اها ڳالهه برداشت نه ٿي. ڇوڪريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏا حيلا وسيلا ڪيائون، پر اهي ناڪام رهيا. نيٺ سمن شاهه جي والد کي التجا ڪيائون، جنهن کيس گهر جي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪري، ڇوڪريءَ کي وارثن حوالي ڪيو ۽ کين تلقين ڪيائين ته اُهي ڇوڪريءَ سميت لڏي ڪنهن ٻئي پاسي هليا وڃن. سمن شاهه انهيءَ غم ۾ 4 ڏينهن ڪوٺيءَ ۾ رهيو، کائڻ پيئڻ بند ڪري ڇڏيائين، جڏهن ٻاهر نڪتو ۽ خبر پيس ته ڇوڪري ۽ ان جا مائٽ لڏي وڃي چڪا آهن ته مٿس جوش ۽ جولان واري ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مستيءَ جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن رُلڻ لڳو. ڪيترائي مهينا اُن حالت ۾ گذاريائين، آخر ڳوٺ جي ويجهو ڪبير شاهه جي قبرستان ڏي هليو ويو ۽ اتي آستان بڻائي ويهي رهيو، چيو وڃي ٿو ته سمن سرڪار کي اُن بزرگ کان حقيقي امانت نصيب ٿي، جنهن کانپوءِ سدائين سڪون ۽ ماٺ ۾ رهڻ لڳو. سمن سرڪار ڪرامت جو بزرگ هو. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ۽ پيشنگوئيون مشهور آهن. برٽش حڪومت جي دور ۾ هڪ انگريز ڪليڪٽر سندس سيرت ۽ ڪرامتن کان متاثر ٿي ميلي لڳائڻ لاءِ چار بلاڪ زمين سندس فقيرن کي الاٽ ڪئي.
سمن سرڪار جا خاص ٽي فقير هئا، هڪڙو ميان گلابراءِ خاص خدمتگذار هو، پر سمن شاهه جي وفات کانپوءِ حج ڪري هميشه لاءِ مديني ۾ رهڻ لڳو ۽ نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جي روضي مبارڪ ۾ ٻهاريون ڏئي ايندڙن ويندڙن کي پاڻي پياريندو هو. آخر ۾ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ جنت البقيھ ۾ دفن ڪيو ويو. سمن سرڪار جو ٻـيــو فـقـيـر لالـو ڪهيـري هـو ۽ ٽيـون فقيـر مائي سليمت هئي، جيڪا سائينءَ جو کاڌو تيار ڪندي هئي.
مائي فقيراڻي سليمت، شاهه لطيف جو ڪلام کـيس ڳائي ٻڌائيندي هئي، جيڪو ٻُڌندي سمن سرڪار ڪڏهن ڪڏهن وجـد ۾ اچي ويندو هو.
حضرت سمن سرڪار 14 رجب 1349هه مطابق 5 ڊسمبر 1930ع تي پنهنجي ميلي دوران (جيڪو ڪاري واهه جي ڪپ تي ڌام ڌوم سان ٿي رهيو هو) وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق غسل ۽ ڪفن کانپوءِ پنگريي شهر کان چار ڪلوميٽر پري هڪ پوٺي تي وڻن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس فقير گلاب راءِ سندس تربت ۽ سفيد گنبذ جي اڏاوت ڪرائي، ۽ مقبرو جوڙايو. سمن سرڪار جي درگاهه جو انتظام هن وقت اوقاف کاتي وٽ آهي. سمن سرڪار جي درگاهه جي هڪ خاص رسم آهي ته عقيدتمند نذر نذراني طور ڪڪڙ کڻي ايندا آهن، جنهنڪري هر وقت درگاهه تي وڏي تعداد ۾ ڪڪڙ موجود هوندا آهن ۽ مسافرن لاءِ انهن جو لنگر هلايو ويندو آهي. روايت آهي ته سندس حياتيءَ ۾ جڏهن ڪو ماڻهو وٽس ڪا مراد کڻي ايندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري کيس جواب ڏئي ڇڏيندو هو ۽ جنهن تي راضي ٿيندو هو ته کيس چوندو هو ته: ”ڪڪڙ چا آوين. . . . “ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سوالي سندس آرامگاهه تي ڪڪڙن جو نذرانو کڻي ايندا آهن.
سمن سرڪار جو ساليانو عرس (ميلو) هر سال 14، 15، 16 آڪٽوبر تي، پنگريي شهر کان چئن ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف سمن سرڪار جي روضي تي لڳندو آهي، اهو روضو سندس هندو معتقد گلاب راءِ جوڙايو هو. ميلي ۾ وڏي تعداد ۾ زائرين شرڪت ڪندا آهن. سائين سمن سرڪار جو ميلو سنڌ جي وڏن ميلن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ جي ناليواري لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي، سائين سمن سرڪار تي هڪڙو گيت ڳايو هو، جيڪو تمام گهڻو مشهور آهي. ’سمن سائين، مان ته گولي غلام تنهنجي در جي‘. ان کانسواءِ لاڙ ۾ عام طور تي هي گيت به مشهور آهي ته: ”سمن تون سُڌير آهين، بر پوٺي جو پير آهين.“


لفظ سمن سرڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.12.05  عيسوي

حضرت سمن سرڪار 14 رجب 1349هه مطابق 5 ڊسمبر 1930ع تي پنهنجي ميلي دوران (جيڪو ڪاري واهه جي ڪپ تي ڌام ڌوم سان ٿي رهيو هو) وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق غسل ۽ ڪفن کانپوءِ پنگريي شهر کان چار ڪلوميٽر پري هڪ پوٺي تي وڻن جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس فقير گلاب راءِ سندس تربت ۽ سفيد گنبذ جي اڏاوت ڪرائي، ۽ مقبرو جوڙايو. سمن سرڪار جي درگاهه جو انتظام هن وقت اوقاف کاتي وٽ آهي.



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عجمي سلسلو
تصوف
بايزيد بسطامي
شاذليه طريقو
ابو تراب شيخ
شاهه رڪن عالم
ابن العربي
سماع
ريحان شيخ
ڏونگر سي مهراج
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون